بالوءَ جا قبا

بالوءَ جا قبا

بالوءَ جا قبا

بالوءَ جا قبا: ڪلهوڙن جي جنگي جرنيل بلاول زرداريءَ جي وفات 800هه ۾ ٿي، جنهن جو مقبرو 18 ھين صديءَ ۾ ٺھيو. الوءَ جو مقام، ديھه 23 داد، تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه (ھاڻي بينظيرآباد) جي، حاجي مٺي خان زرداري ڳوٺ کان اٽڪل 2 ڪلو ميٽر اولهه ۾ آھي. جڏهن ته زوار ڪوڙي جو ڳوٺ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾، ٻانڌي- نواب شاهه روڊ اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر اوڀر ۾ ۽ نواب شاهه شھر اٽڪل 12 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 260 1’94” ڊگرين ۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 68021’5’ ڊگرين تي واقع آھي. بالوءَ جو مقبرو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ 6.60x6.60 ۽ اوچائيءَ ۾ 13 ميٽر آھي. ان جي اڏاوت ۾ چيرولي، پڪيون سرون، سيمنٽ، گارو ۽ شيشو وغيره استعمال ٿيل آھي. مقبرو چورس رٿيل آھي. لنگهه اوڀر طرف وڌاوڙي نموني ونگيل در (corbel arched) سان آھي، دروازو ڪاٺ جو لڳل آھي. وڏو کڻ ونگو (Recessed Arched) پانيل ۽ اندر تي ھڪ مستطيل پانيل لنگهه وٽ ٺھيل آھي. مھاڙيءَ کان سواءِ ٽن پاسن تي 15 عدد مستطيل پانيل ٽن قطارن ۾ ٺھيل آھن. ڪنڊن وٽ ٻيڙ ٻني تي ڪنگرا ٺھيل آھن. مھاڙيءَ ۾ ڪنگرن کان سواءِ چار برجيون ٺھيل آھن، جن کي وري چار دريون (opening) ڏنل آھن. اٺڪنڊي ڳچ (Drum) کي چار روشندان ۽ اٺ برجيون ۽ ھر پاسي سيمنٽ جون ڄاريون لڳل آھن. ڳچ جي مٿان اڌگول گنبذ ۽ ان جي مٿان ڪاشيءَ جو ڪلس ٺھيل آھي. گنبذ جي ٻاھران شيشي جو ڪم ٿيل آھي. گنبذ جو نمونو ھوسانگ جي مقبري جھڙو آھي، جيڪو منڊو (Mandu) ۾ سال 1440ع ۾ ٺاھيو ويو ھو. مقبرو پانيلن سان ھر پاسي سينگاريل آھي. ڇتين تي ٽي عدد مستطيل پانيل به ٺھيل آھن. مٿي ڪنڊن وٽ ڪنڊ جوڙ (Squinch) ٺھيل آھن، جيڪي مقبري کي اٺڪنڊو گچ ٺاھڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اندران مقبرو ڳچ سان پلستر ٿيل آھي. حجري ۾ ٻه قبرون ماربل جون ٺھيل آھن. بلاول زرداريءَ جي قبر تي ڪتبو لڳل آھي. هيءُ ڪلھوڙن جو جنگي جرنيل ۽ سفارتڪار ھو. مقبري جي سنڀال ھئڻ ڪري تمام سٺي حالت ۾ آھي. حڪومت 89-1988ع ۾ ھتي ڪجهه مرامت جو ڪم به ڪرايو آھي. هن بزرگ جي نالي سان ’بلاول انسٽيٽيوٽ‘ قائم ٿيل آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري آهي.


لفظ بالوءَ جا قباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0800.00.00  هجري

ڪلهوڙن جي جنگي جرنيل بلاول زرداريءَ جي وفات 800هه ۾ ٿي ، جنهن جو مقبرو 18 ھين صديءَ ۾ ٺھيو



قبرستان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آري پير قبرستان
عبداللطيف ڍير ڌڻيءَ جي قبر
پيـر باقر شاھ جو قبـرسـتان
ڌيرڻ شاهه جو قبرستان
پليجن جو قبرستان
شمشان گهاٽ
دنياپور2
ربابي ڍورو
پير سنبڪ سوائي مقام
چوڏهن شهيد
قبرستان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون